وَٱلضُّحَىٰ﴿١﴾
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
وَٱلَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ﴿٢﴾
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ﴿٣﴾
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
وَلَلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ ٱلْأُولَىٰ﴿٤﴾
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰٓ﴿٥﴾
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَـَٔاوَىٰ﴿٦﴾
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
وَوَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدَىٰ﴿٧﴾
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
وَوَجَدَكَ عَآئِلًا فَأَغْنَىٰ﴿٨﴾
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
فَأَمَّا ٱلْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ﴿٩﴾
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
وَأَمَّا ٱلسَّآئِلَ فَلَا تَنْهَرْ﴿١٠﴾
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ﴿١١﴾
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.