91 · Makkī

الشمس

Ash-Shams·The Sun

✦ memorize this sūrah

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

  1. وَٱلشَّمْسِ وَضُحَىٰهَا﴿١﴾

    سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.

  2. وَٱلْقَمَرِ إِذَا تَلَىٰهَا﴿٢﴾

    ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.

  3. وَٱلنَّهَارِ إِذَا جَلَّىٰهَا﴿٣﴾

    ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.

  4. وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰهَا﴿٤﴾

    ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.

  5. وَٱلسَّمَآءِ وَمَا بَنَىٰهَا﴿٥﴾

    ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.

  6. وَٱلْأَرْضِ وَمَا طَحَىٰهَا﴿٦﴾

    ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.

  7. وَنَفْسٍ وَمَا سَوَّىٰهَا﴿٧﴾

    ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.

  8. فَأَلْهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقْوَىٰهَا﴿٨﴾

    پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.

  9. قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّىٰهَا﴿٩﴾

    جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.

  10. وَقَدْ خَابَ مَن دَسَّىٰهَا﴿١٠﴾

    ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.

  11. كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِطَغْوَىٰهَآ﴿١١﴾

    (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.

  12. إِذِ ٱنۢبَعَثَ أَشْقَىٰهَا﴿١٢﴾

    جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.

  13. فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ ٱللَّهِ نَاقَةَ ٱللَّهِ وَسُقْيَٰهَا﴿١٣﴾

    پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.

  14. فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنۢبِهِمْ فَسَوَّىٰهَا﴿١٤﴾

    پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.

  15. وَلَا يَخَافُ عُقْبَٰهَا﴿١٥﴾

    ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.

Quran Translation Name: امروٽي Translator: Taj Mehmood Amroti Language: Sindhi ID: sd.amroti Last Update: April 9, 2012 Source: Tanzil.net

Play surah