87 · Makkī

الأعلى

Al-A'laa·The Most High

✦ memorize this sūrah

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

  1. سَبِّحِ ٱسْمَ رَبِّكَ ٱلْأَعْلَى﴿١﴾

    (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.

  2. ٱلَّذِى خَلَقَ فَسَوَّىٰ﴿٢﴾

    جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.

  3. وَٱلَّذِى قَدَّرَ فَهَدَىٰ﴿٣﴾

    ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.

  4. وَٱلَّذِىٓ أَخْرَجَ ٱلْمَرْعَىٰ﴿٤﴾

    ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.

  5. فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحْوَىٰ﴿٥﴾

    پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.

  6. سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ﴿٦﴾

    اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.

  7. إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ إِنَّهُۥ يَعْلَمُ ٱلْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ﴿٧﴾

    مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).

  8. وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَىٰ﴿٨﴾

    ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.

  9. فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكْرَىٰ﴿٩﴾

    پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.

  10. سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَىٰ﴿١٠﴾

    جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.

  11. وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلْأَشْقَى﴿١١﴾

    ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.

  12. ٱلَّذِى يَصْلَى ٱلنَّارَ ٱلْكُبْرَىٰ﴿١٢﴾

    جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.

  13. ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ﴿١٣﴾

    وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.

  14. قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّىٰ﴿١٤﴾

    بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.

  15. وَذَكَرَ ٱسْمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ﴿١٥﴾

    ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.

  16. صفحة ٥٩٢
  17. بَلْ تُؤْثِرُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا﴿١٦﴾

    بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.

  18. وَٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰٓ﴿١٧﴾

    ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.

  19. إِنَّ هَٰذَا لَفِى ٱلصُّحُفِ ٱلْأُولَىٰ﴿١٨﴾

    بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.

  20. صُحُفِ إِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ﴿١٩﴾

    جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.

Quran Translation Name: امروٽي Translator: Taj Mehmood Amroti Language: Sindhi ID: sd.amroti Last Update: April 9, 2012 Source: Tanzil.net

Play surah