88 · Makkī

الغاشية

Al-Ghaashiya·The Overwhelming

✦ memorize this sūrah

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

  1. هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْغَٰشِيَةِ﴿١﴾

    (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟

  2. وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ خَٰشِعَةٌ﴿٢﴾

    اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.

  3. عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ﴿٣﴾

    ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.

  4. تَصْلَىٰ نَارًا حَامِيَةً﴿٤﴾

    ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.

  5. تُسْقَىٰ مِنْ عَيْنٍ ءَانِيَةٍ﴿٥﴾

    بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.

  6. لَّيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍ﴿٦﴾

    ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.

  7. لَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِى مِن جُوعٍ﴿٧﴾

    (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.

  8. وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاعِمَةٌ﴿٨﴾

    ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.

  9. لِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ﴿٩﴾

    پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.

  10. فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍ﴿١٠﴾

    مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.

  11. لَّا تَسْمَعُ فِيهَا لَٰغِيَةً﴿١١﴾

    اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.

  12. فِيهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ﴿١٢﴾

    اُتي چشما وھندڙ آھن.

  13. فِيهَا سُرُرٌ مَّرْفُوعَةٌ﴿١٣﴾

    اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.

  14. وَأَكْوَابٌ مَّوْضُوعَةٌ﴿١٤﴾

    ۽ آبخورا رکيل.

  15. وَنَمَارِقُ مَصْفُوفَةٌ﴿١٥﴾

    ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.

  16. وَزَرَابِىُّ مَبْثُوثَةٌ﴿١٦﴾

    ۽ غاليچا وڇايل آھن.

  17. أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى ٱلْإِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ﴿١٧﴾

    (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.

  18. وَإِلَى ٱلسَّمَآءِ كَيْفَ رُفِعَتْ﴿١٨﴾

    ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.

  19. وَإِلَى ٱلْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ﴿١٩﴾

    ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.

  20. وَإِلَى ٱلْأَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ﴿٢٠﴾

    ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.

  21. فَذَكِّرْ إِنَّمَآ أَنتَ مُذَكِّرٌ﴿٢١﴾

    پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.

  22. لَّسْتَ عَلَيْهِم بِمُصَيْطِرٍ﴿٢٢﴾

    تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.

  23. إِلَّا مَن تَوَلَّىٰ وَكَفَرَ﴿٢٣﴾

    پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.

  24. فَيُعَذِّبُهُ ٱللَّهُ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَكْبَرَ﴿٢٤﴾

    تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.

  25. إِنَّ إِلَيْنَآ إِيَابَهُمْ﴿٢٥﴾

    بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.

  26. ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا حِسَابَهُم﴿٢٦﴾

    وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.

Quran Translation Name: امروٽي Translator: Taj Mehmood Amroti Language: Sindhi ID: sd.amroti Last Update: April 9, 2012 Source: Tanzil.net

Play surah